ڀارتي ڪرڪيٽر ڪُلديپ ياديو جي گهر ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر

ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽرليا هٿان ڇهن وڪيٽن تان شڪست بعد جتي ميدان ۾ تماشائي ناراض نظر آيا ته ٻئي پاسي موبائيل يا ٽي وي تي ميچ ڏسندڙ مداح به آپي مان نڪري ويا، انڪري ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ پوليس به الرٽ ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جيئن ڀارتي ٽيم ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا کان هارايو، فوري طور اسپنر ڪُلديپ ياديو جي گهر پوليس اُماڻي وئي.
پوليس موجب، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ ڪانپور جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڪلديپ ياديو جي رهائش گاهه جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر جي گهر ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ويا ويا آهن، ان کانسواءِ پوليس جي گاڏي به مسلسل گشت ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.