ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز تان هٿ کڻي ويو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڊيوڊ وارنر ورلڊ ڪپ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي آل رائونڊر ايرون هارڊي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز خميس کان شروع ٿيندي.
ياد رهي ته آسٽريليا جي ورلڊ ڪپ فاتح ٽيم جا ست رانديگر ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شامل آهن.