پي سي بي مان وڌيڪ استعيفائون اچي ويون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ استعيفائن جو سلسلو جاري آهي.

چيف سليڪٽر انضمام الحق، ڪپتان بابر اعظم، بالنگ ڪوچ مورني مورڪل جي استعيفائن کانپوءِ وڌيڪ استيعفي اچي وئي

ورلڊ ۾ خراب ڪارڪردگي تي ٻنهي ميڊيا مئنيجرز کي برطرف ڪيو ويو ، احسن ناگي پي سي بي ميڊيا مئنيجر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پي سي بي پاران عمر فاروق کي ميڊيا مئنيجر جي عهد تان هٽايو ويو آهي، آسٽريليا جي دوري لاءِ ميڊيا مئنيجر جي عهدي تي نئين مقرري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.