پاڪستاني گلوڪار علي طارق کي ارجيت سنگهه سان ڳائڻ جو موقعو ملي ويو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪار علي طارق کي ميوزڪ آئيڪن ارجيت سنگهه سان گڏ ڳائڻ جو يادگار موقعو ملي ويو.
بالي ووڊ انڊسٽري جو سپر اسٽار ارجيت سنگهه ابو ظهبي ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي رهيو هو ته هن اتي علي طارق جي موجودگي جو نوٽيس ورتو ۽ سندس حوصلا افزائي ڪندي کيس پاڻ سان گڏ ڳائڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
علي طارق ان شاندار موقعي تي ضايع نه ڪيو ۽ ڀارتي گلوڪار سان گڏ ٻول ڳايا، جنهن تي ارجيت مسڪرائيندي کيس شاباشي ڏني.
ارجيت سنگهه ۽ علي طارق جي گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدار ارجيت سنگهه کي اهڙو قدم کڻڻ تي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.