حافظ آباد (ويب ڊيسڪ) نجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي جي ٻن ڄڻن عورتن سان مبينا اجتماعي زيادتي ڪئي آهي جنهن بعد متاثر عورت جي فرياد تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پنڊي ڀٽيان ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ عورت موقف اختيار ڪيو آهي ته هو پنهنجي ماءُ جي گردي جو آپريسن ڪرائڻ نجي اسپتال وئي تي اتي کيس نشو پياري بيهوش ڪيو ويو.
هڪ جوابدار زيادتي ڪري وڊيو ڀري ۽ بليڪ ميل ڪيو.
عورت الزام لڳايو ته جوابدار ٻي رات ٻيهر ساڳئي ڪمري ۾ گهرايو جتي هڪ ڊاڪٽر ۽ هڪ ملازم به گڏجي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ تنگ اچي گهر وڃي رهي هيس ته هن ماءُ جو گردو ڪڍي ورتو جنهن سبب سندس موت ٿي ويو.
نجي اسپتال انتظاميا الزام کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي پر الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر ۽ عملو فرار ٿي ويا آهن.