انوشڪا ۽ اٿيا بابت تبصرو، هرڀجن خلاف سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل، معافي جو مطالبو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا ڀارت کي هارائي ڇهون ڀيرو چيمپيئن بڻجي ويو.

نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ بالي ووڊ جي ڪيئي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ دپيڪا پاڊڪون، رنوير سنگهه، شاهه رخ خان، ايوشمان کرانا، وغيرا شامل هئا، ان کانسواءِ ميچ ۾ ويرات ڪوهلي جي گهرواري انوشڪا شرما ۽ ڪي ايل راهول جي زال اٿيا شيٽي پڻ موجود هئي.

ميچ دوران هندي ڪامنيٽري باڪس ۾ موجود اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه انوشڪا ۽ اٿيا بابت تبصرو مداحن کي پسند نه آيو.

هندي ڪامينٽرن طرفان ادڪارائن بابت ڪرڪيٽ جي سوچ سمجهه بابت گفتگو ڪئي وئي.

اسڪرين تي جڏهن انوشڪا شرما ۽ اٿيا شيٽي کي ڏيکاريو ويو ته هرڀجن سنگهه چيو ” ۽ مان اِهو سوچي رهيو هيس ته ڳالهه ڪرڪيٽ جي ٿي رهي آهي يا فلمن جي ڇو ته ڪرڪيٽ بابت نه ٿو ڄاڻان ته کين ڪيتري سمجهه هوندي“ .

سوشل ميڊيا تي واهپيدارن موجب، اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي اهڙي قسم جو تبصرو نه ڪرڻ گهرجي ها، ڪجهه ماڻهن هرڀجن کان عام طور تي معافي گهرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.