آسٽريليا جي دوري لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، حارث رئوف هٿ کڻي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف سليڪٽر وهاب رياض آسٽريليا جي دوري لاءِ 18 رڪني ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر آسٽريليا خلاف ٽن ميچن جي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو.
آسٽريليا جي دوري لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ شان مسعود ڪپتان، سرفراز احمد ( وڪيٽ ڪيپر ) محمد رضوان، بابر اعظم، امام الحق، سعود شڪيل، خرم شهزاد، عامر جمال، ابرار احمد، عبدالله شفيق، نعمان علي، سلمان علي آغا شامل آهن.


ان کانسواءِ ، شاهين آفريدي، فهيم اشرف، حسن علي، مير حمزا، وسيم جونيئر ۽ صائم ايوب شامل آهن.
ان موقعي تي هن چيو ته چيف سليڪٽر وهاب رياض چيو ته حارث رئوف سان سندس ڳالهه ٻول ٿي آهي هو آسٽريليا جي دوري تان هٿ کڻي ويو آهي.
هن چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي، شاداب خان، اساما مير، عثمان قادر، ۽ محمد ناوز ڪيمپ کي جوائن ڪندا.
ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.