ورلڊ ڪپ: اُهي 11رانديگر جيڪي پنهنجي ٽيمن تي بار ثابت ٿيا!

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيرنهون ايڊيشن گذريل ڏينهن ڪيئي يادگار لمحن ۽ آسٽريليا جي فتح سان پڄاڻي تي پهتو، جتي ڪيئي رڪارڊ جڙيا، اتي ئي ڪجهه رانديگرن لاءِ هڪ ورلڊ ڪپ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو.
اڄ اسان ڪجهه اهڙن رانديگرن جي ڪارڪردگي جو گهرائي سان جائزو وٺنداسين جيڪي هن ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا.
اچو ته ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي فلاپ اليون يعنيٰ اهي يارنن رانديگر ڪير آهن جيڪي ميگا ايونٽ ۾ ٻوٽو نه ٻاري سگهيا.
1 ٽيمبا باووما
ان فهرست ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪپتان جو نالو يقينن ورلڊ ڪپ ڏسڻ واري ڪنهن مداح لاءِ حيران ڪندڙ نه هوندو، باووما هن سال پنهنجي نالي چئن سينچرين سان ڪرڪيٽ جي مها ميلي ۾ آيو پر ڪا به متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو.
33 سالا رانديگر اٺ ميچن ۾ 18 ڏهائي 12 جي ايوريج سان رڳو 145 رنسون ٺاهيو.
2 امام الحق
امام الحق ورلڊ ڪپ جي شروعات کان ڏيڍ مهينو اڳ آءِ سي سي پليئرز رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي موجود هيو، ان ڪري هن مان سٺي ڪارڪردگي جي اميد هئي پر 27 ورهين جي رانديگر ميگا ايونٽ دوران ڀرپور موقعو ملڻ باوجود به پنهنجي صلاحيتن سان انصاف نه ڪري سگهيو.
امام ڇهن ميچن ۾ 27 جي ايوريج سان 162 رنسون ٺاهيون.
3 هيري بروڪ
ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين نوجوان رانديگرن منجهان هڪ انگلش ٽيم جي هيري بروڪ به عالمي ڪپ ۾ پنهنجي هاڪ ويهارڻ ۾ ناڪام رهيو، هن ڇهن ميچن ۾ 28 جي ايوريج سان 169 رنسون ٺاهيون.
4 مشفيق الرحيم
ورلڊ ڪپ جي سڀ کان سينيئر رانديگرن منجهان هڪ ۽ ڪيريئر جو پنجون عالمي ڪپ کيڏندڙ بنگلاديش جي مشفيق الرحيم جو ڳاڻيٽو به بدقسمتيءَ سان عالمي ڪپ جي فلاپ اليون ۾ ٿيندو آهي.
بنگلاديشي مداحن تميم اقبال جي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجون اميدون مشفيق الرحيم سان سلهاڙي ڇڏيون هيون، پر هو سندن اميدن تي پورو نه لهي سگهيو.
ڪرڪيٽر نوَ ميچن ۾ 25 ڏهائي 25 جي ايوريج سان رڳو 202 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو.
5 ٽام ليٿم
ٽام ليٿم ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن جي غيرموجودگي ۾ نيوزيلينڊ جي شاندار قيادت ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽام ليٿم به بيٽر طور ناڪام رهيو.
هن اٺ اننگز ۾ 25 ڏهائي 83 جي ايوريج سان 155 رنسون ٺاهيون.
6 جوز بٽلر
جوز بٽلر، جوز بٽلر لاءِ به ٽورنامينٽ انتهائي مايوس ڪندڙ رهي، 2019ع ورلڊ ڪپ جي هيرو هن سال ڪا به غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو.
33 ورهين جي جوز بٽلر ٽورنامينٽ ۾ 15 ڏهائي 33 جي ايوريج سان صرف 138 رنسون ٺاهيون.
7 شاداب خان
پاڪستان جو اهم آل رائونڊر هئڻ باوجود 24 ورهين جو شاداب خان بينٽگ ۽ بالنگ ۾ ناڪام رهيو.
شاداب ڇهن ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي 121 رنسون ٺاهيون ۽ رڳو ٻه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو.
8 مارڪ ووڊ
ايشز 2023 ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ انگلش ڪرڪيٽر مارڪ ووڊ کي ٽورنامينٽ ۾ ڪجهه وڏو ڪرڻ جو يقين هيو پر فاسٽ بالر 54 اوورن ۾ 349 رنسون ڏئي ستن ميچن ۾ رڳو ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو.
9 مسفيض الرحمان
بنگلاديش جي سڀ کان تجربيڪار فاسٽ بالرن منجهان هڪ مسفيض الرحمان کي پنهنجي ٽيم جي پيس اٽيڪ جي ذميواري سونپي وئي هئي پر ورلڊ ڪپ دوران سندس لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿيون ڇو ته هو وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ رڳو پنج وڪيٽون وٺي سگهيو.
10 مهيش ٿيڪشانا
مهيش ٿيڪشانا بي شڪ ايشيا ڪپ 2023ع ۾ هيمسٽرنگ انجري سبب واپس آيو پر هو ٽورنامينٽ ۾ نئين بال سان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سريلنڪا لاءِ وچ وارن اوورن ۾ وڪيٽون وٺڻ ۾ ناڪام رهيو.
هو 71 ڏهائي 2 اوورن ۾ 382 رنسون ڏئي رڳو ڇهه وڪيٽون حاصل ڪري سگهيو.
11حارث رئوف
حارث رئوف ورلڊ ڪپ ۾ 15 وڪيٽون حاصل ڪيون پر هتي اهم ڳالهه اِها آهي ته حارث رئوف ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.
قومي فاسٽ بالر انگلينڊ جي عادل رشيد جو هڪ ئي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون 533 ڏيڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
حارث مان اميد هئي ته هو وڌيڪ رنسون روڪيندو پر ٽيهه سالا بالر مخالف ٽيم آڏو بيوس نظر آيو ۽ سندس خلاف هر ٽيم رنسون اسڪور ڪيون.
سندس خلاف هر ٽيم رنسون اسڪور ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.