عمر وڌڻ سان گڏ هڏن کي مضبوط رکڻ چاهيو ٿا ته هي عادتون اپنايو؟

عمر وڌڻ سان گڏ هڏن کي مضبوط رکڻ گھڻو اهم هوندو آهي.

جڏهن اسان جي عمر 30 سال هوندي آهي ته هڏن جي مضبوطي عروج تي هوندي آهي.

ان کان پوءِ جيڪڏهن هڏن جي صحت جو خيال نه رکيو وڃي ته عمر وڌڻ سان گڏ هڏن جي مضبوطي گھٽجڻ لڳندي آهي، جنهن سان هڏن جي ڪمزوري يا ٻين مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته هڏن جي صحت جو خيال رکڻ سولو هوندو آهي.

حقيقت ۾ ڪجهه عام شين جو خيال رکي عمر وڌڻ سان گڏ هڏن کي مضبوط رکڻ ممڪن آهي.

ڪيلشم گھڻي اهم آهي

اهو منرل هڏن کي صحتمند رکڻ لاءِ گھڻو اهم هوندو آهي.

ڪيلشم سان هڏا سخت ۽ ٿُلها ٿيندا آهن ۽ جيڪڏهن جسم ۾ ڪيلشم جي کوت هجي ته ان سان هڏن جو دٻاءُ وڌندو آهي.

هڏن ۾ ڪيلشم جي کوٽ سبب اهي ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ فريڪچر جو خطرو وڌندو آهي.

ڪيلشم ڪيئن حاصل ڪجي؟

ڪيلشم غذائن ذريعي حاصل ڪري سگھجي ٿي جن ۾ ڏهي، کير، ڇولا ۽ مڇي شامل آهن.

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪيلشم جا سپليمينٽس به استعمال ڪري سگھجن ٿا.

وٽامن ڊي به تمام ضروري هوندي آهي.

وٽامن ڊي ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

وٽامن ڊي کانسواءِ اسان جو جسم غذائن ۾ موجود ڪيلشم کي جذب ناهي ڪري سگھندو ۽ هڏا ڪمزور ٿي ويندا آهن.

وٽامن ڊي جي کوٽ ٿيڻ تي جسم هڏن کي مضبوط بڻائڻ کان قاصر ٿي ويندو آهي.

وٽامن ڊي ڪيئن حاصل ڪجي؟

سج جي روشني مان اسان جي کَلَ وٽامن ڊي کي حاصل ڪري سگھي ٿي ۽ ان لاءِ روز ڪجهه منٽ سج جي روشني ۾ گذارڻ ڪافي آهي.

اهڙيءَ طرح غذائن جهڙوڪ مڇي، بيضن، فورٽيفائيڊ کير ۽ سپليمينٽس سان به وٽامن ڊي کي جسم جو حصو بڻائي سگھجي ٿو.

جسماني سرگرميون

ورزش کي معمول بڻائڻ سان هڏن کي فائدو ٿيندو آهي.

ورزش ڪرڻ جي عادي ماڻهن ۾ عمر وڌڻ سان گڏ هڏن جي مضبوطي ناهي گھٽبي.

اهڙيءَ طرح ورزش ڪرڻ سان مسلز ٺهندا آهن جن سان جسماني تواز بهتر ٿيندو آهي ۽ ڪِرڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

بهترين ورزشون ڪهڙيون آهن؟

وزن کڻڻ واري ورزش، جاگنگ، پش اپس، تيز گھمڻ، ڊانس ۽ ڏاڪڻ چڙهڻ جهڙيون ورزشون هڏن لاءِ فائديمند هونديون آهن.

انهن ورزشن سان مخصوص حصن جا هڏا مضبوط ٿيندا اهن جيئن جاگنگ سان ڄنگھن ۽ پيرن جا هڏا مضبوط ٿيندا آهن.

اهڙيءَ طرح وزن کڻڻ سان هٿن جي هڏن کي فائدو ٿيندو آهي.

تماڪ واپرائڻ کان پاسو ڪريو

تماڪ واپرائڻ سان مختلف مرضن جو خطرو وڌندو آهي ۽ هڏن جي صحت به ان عادت سان متاثر ٿيندي آهي.

تماڪ ۾ موجود نڪوٽين ۽ ٻين ڪيميڪلز سان هڏا بڻائيندڙ جيوگھرڙن جي ٺهڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي جڏهن ته هڏن تائين رت جي رواني به محدود ٿي ويندي آهي.

ان جي نتيجي ۾ هڏا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ فريڪچر جو خطرو وڌندو آهي.

کنڊ به هاڃيڪار آهي

مٺا شربت، بسڪيٽ ۽ کنڊ مان ٺهيل غزا جي گھڻي استعمال سان هڏن کي نقصان پهچندو آهي.

کنڊ جي گھڻي استعمال سبب پيشاب جي رستي ڪيلشم ۽ مگنيشم خارج ٿيندو آهي جنهن سان هڏا ڪمزور ٿيندا آهن.

الڪوحل به تباهه ڪندڙ آهي

الڪوحل جي استعمال سان به هڏن کي نقصان ٿيندو آهي.

الڪوحل جي استعمال سان ڪرڻ جو خطرو به وڌندو آهي جنهن سان هڏا ٽٽڻ جو خطرو وڌندو آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.