عراق مٿان حملي جو مُک ڪردار، اڳوڻو آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني 84 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊڪ چيني جي خاندان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سندس وفات جي تصديق ڪئي وئي آهي.
ڊڪ چيني اڳوڻي صدر جارج ڊبليو بُش جي ريپبلڪن انتظاميا جو حصو رهيو، هو سال 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين طرفان عراق مٿان ڪيل حملي ۾ مُک ڪردار ادا ڪندڙن مان هو.
هو جارج بش سينيئر جي صدارتي دور ۾ 1989ع کان 1993ع تائين بچاءَ وارو وزير رهيو، جڏهن ته ستر واري ڏهاڪي ۾ جيرالڊ فورد جي وائٽ هائوس چيف آف اسٽاف طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڏهاڪي تائين ڪانگريس جو ميمبر پڻ رهيو.
ڊڪ چيني 2024ع واري آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪمالا هيرس جي حمايت ڪئي هئي، جنهن سبب سياسي تڪرار پيدا ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.