لاڙڪاڻو (رپورٽر) پ پ سنڌ پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو 71 هون جنم ڏينهن صوبي جي سڀني ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سالگرهه جو ڪراچي ڊويزن سطح جو جلسو لياريءَ ۾ ٿيندو، جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.
اهڙو اعلان پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پاران ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه سنڌ جي هر ضلعي ۾ ملهائيندي، جڏهن ته سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ڊويزن سطح جو لياريءَ ۾ وڏو جلسو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين جي بدولت قائم آهي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو آئين، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي حقِ حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زردايءَ جي قيادت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تحت اڳتي وڌي رهي آهي.
					You might also like