هڪ تحقيق موجب 60 سيڪڙو ماڻهو ساڄي پاسي سمهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن جڏهن ته ان پوزيشن کي ننڊ جي صحتمند جسماني حالتن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.
ساڄي هٿ ڏانهن سمهڻ ڪرنگهي جي هڏي جي صحت کان ويندي گوگهرن، سيني جي ساڙي، چيلهه ۾ سور سميت ٻين خطرن ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي ٿو.
سڄيپاسي سمهڻ سان هاصمي جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ڪجهه ماهرن موجب ان سان ليمفيٽڪ مادي جي قدرتي وهڪري ۾ بهتري اچي ٿي.
ڳورهارين عورتن لاءِ عام طور تي ساڄي پاسي سمهڻ جي تجويز ڏني ويندي آهي.
دل جي ڪجهه مريضن لاءِ به ساڄي پاسي سمهڻ فائديمند هوندو آهي.