دنيا جي طاقتور ترين راڪيٽ جي ٻي آزمائش به ناڪام، ڌماڪي سان ڦاٽي پيو

يلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جو اسٽار شپ اسپيس ڪرافت انسانن کي چنڊ ۽ مريخ تي کڻي وڃڻ لاءِ تيار ڪيوويو آهي.
پر انساني تاريخ جي سڀ کان طاقتور راڪيٽ جي ٻين آزمائشي اڏام به ناڪامي سان پڄاڻي تي پهتي.
18 نومبر تي اسٽار شپ اسپيس ڪرافٽ کي ٽيڪساس مان لانچ ڪيو ويو ۽ ان تي ڪو به انسان سوار نه هو.
اسٽار شپ 2 حصن تي ٻڌل آهي جنهن مان هڪ سپر هيوي بوسٽر آهي، جيڪو اهڙو وڏو راڪيٽ آهي جنهن ۾ 33 انجڻون لڳل آهن جڏهن ته ٻيو اسٽار شپ اسپيس ڪرافت آهي جيڪو بوسٽر جي مٿان موجود آهي جيڪو ان کان ڌار ٿي ويندوآهي.
آزمائشي اڏام جي پهرين مرحلي ۾ سپر هيوي بوسٽر ڪاميابي سان اسپيس ڪرافٽ کان ڌار ٿي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جيتوڻيڪ ان کان نار ميڪسيڪو ۾ لهڻو هو.
ان کان پوءِ ڪجهه منٽن تائين اسٽار شپ جي اڏام جاري رهي ۽ لانچ جا 8 منٽ ان سان رابطو ڪٽجي ويو.
ان اڏام دوران اسٽار شپ اسپيس ڪرافٽ زمين جي مدار تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ جڏهن اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ته زمين جي سطح کان 92 ميل مٿي هو.
ان آزمائشي اڏام دوران اسپيس ايڪس طرفان سپر هيوي بوسٽر کي اسپيس ڪرافٽ کان ڌار ڪرڻ لاءِ نئون طريقيڪار هاٽ اسٽيجنگ جو آزمائش به پهريون ڀيرو ڪئي وئي هئي.
ان طريقيڪار تحت اسٽار شپ سان ڌار ٿيڻ کان اڳ رااڪيٽ جي سمورين انجڻن کي هلايو ويو هو.

هاڻي ڪمپني طرفان اهو ڏٺو ويندو ته ان طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر ڪيئن بڻائجي ته جيئن سپر هيوي بوسٽ ۽ اسپيس ڪرافٽ ڪاميابي سان اڏام مڪمل ڪري سگھي.
واضح رهي ته ان کان اڳ هلندڙ سال 20 اپريل تي اسٽار شپ راڪيٽ اڏام ڀرڻ جي 4 منٽن بعد ڌماڪي سان ڦاٽي پيو هو.
ان ناڪامي کان پوءِ آمريڪي اداري فڊرل ايويئيسن ايڊمنسٽريشن طرفان اسپيس ايڪس کي اسٽار شپ جي وڌيڪ تجربن کان روڪيو ويو هو.
پهرين تجربي جيان ٻي آزمائشي اڏام کي به اسپيس ايڪس ڪامياب قرار ڏنو ڏنو آهي.
ڪمپني موجب سپر هيوي بوسٽر ۽ اسپيس ڪرافٽ جي ڦاٽڻ باوجود اسان لاءِ ڪامياب ڏينهن هو، هاڻي اسان وٽ ايترو ڊيٽا آهي جنهن سان ايندڙ اڏام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
اسٽار شپ جي اهميت ڇا آهي؟
اِهو اُهو راڪيٽ آهي جنهن کي ايلون مسڪ انسانن کي مريخ تي کڻي وڃن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو اهو چوندو رهيو آهي ته اسپيس ايڪس کي قائم ڪرڻ جو واحد مقصد اسٽار شپ جهڙي سواري تيار ڪرڻ آهي جيڪا انسانن کي مريخ تي وسائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.