چونڊون کٽڻ لاءِ ڀارتي سياسي اڳواڻ پادر مار آشرواد ورتو، وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي اسيمبلي اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪانگريس اڳواڻ پارس سڪليچه پينو فقير پادر مار آشرواد ورتو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش جي شهر رتلام مان ڪانگريس اڳواڻ پارس سڪليچه اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو جنهن لاءِ پولنگ ته ختم ٿي وئي پر ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته پارس سڪليچه 2013ع ۽ 2018ع ۾ به اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو ورتو هو پر هو ناڪام رهيو، انهيءَ ڪري ڪانگريس اڳواڻ هن ڀيري اليڪشن وڙهڻ لاءِ هڪ پينو فقير بابا وٽ پادر مار آشرواد وٺڻ پهتو.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هڪ پيرسن پينو فقير روڊ جي ڪناري ويٺل آهي ۽ ڪانگريس اڳواڻ هن لاءِ نئين چپل جو جوڙو کڻي اچي ٿو جنهن سان پينو فقير کيس هر هر چپل هڻي آشرواد ڏئي ٿو.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پينو فقير ڪڏهن ڪانگريس اڳواڻ جي مٿي ته ڪڏهن سندس منهن تي چپل هڻي رهيو آهي.
ميڊيا موجب پينو بابا پادر مار آشرواد ڏيندو اهي جنهن جو مطلب آهي ته پادر کائيندڙ شخص تان بد نظر ختم ٿي ويندي آهي ۽ سندس ڪم ٿي ويندو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب مڌيا پرديش اسيمبلي جون چونڊون جمعي جي ڏينهن ٿيون هيون جنهن ۾ ٽرن آئون 76.22 سيڪڙو رهيو جنهن کي رياست جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽرن آئوٽ چيو پيو وڃي، ووٽن جي ڳڻپ جو عمل 3 ڊسمبر تائين جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.