دنيا جو اهو هنڌ جتي 18 نومبر تي لهندڙ سج وري جنوري ۾ اڀرندو

الاسڪا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست الاسڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ 18 نومبر تي لهندڙ سج هاڻي جنوري جي آخر ۾ اڀرندو.

جي ها واقعي اتر الاسڪا جي ڳوٺ Utqiagvik ۾ ائين ٿيو آهي.

ان ڳوٺ ۾ 18 نومبر تي هلندڙ سال آخري ڀيرو سج لٿو هو.

هاڻ ان ڳوٺ ۾ 23 جنوري 2024ع تائين رات هوندي يا ائين چئجي ته 65 ڏينهن تائين سج نه اڀرندو.

4 هزار ماڻهو ان ڳوٺ ۾ 18 نومبر جي منجند جو 12 لڳي 35 منٽن تي سج اڀرو ۽ رڳو هڪ ڪلاڪ 12 منٽن کان پوءِ 1 لڳي 48 منٽن تي لهي ويو.

آرڪٽڪ سرڪل ۾ موجود ان ڳوٺ کي هر سال قطبي رات جو تجربو ٿيندو آهي.

ائين ان وقت ٿيندو آهي جڏهن زمين محور تي ٿوري جهڪي ويندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ آرڪٽڪ سرڪل ۾ سياري جي موسم دوران سج ڪيترن ئي هفتن تائين ناهي اڀرندو.

ان جي ڀيٽ ۾ گرمين ۾ ان خطي ۾ سج جي روشني 24 ڪلاڪن تائين برقرار رهندي آهي ۽ ان کي مڊنائٽ سن چيو ويندو آهي.

واضح رهي ته زمين جي اتر اڌ قطب ۾ جون جي آخر کان ڏينهن جو وقت گھٽجڻ لڳندو آهي پر اتر وارن خطن تي اهو اثر وڌيڪ نمايان هوندو آهي.

اتي ڏينهن جو وقت سيپٽمبر ۾ ئي گھڻو گھٽجي ويندو آهي.

2 مهينن کان ڊگھي رات دوران الاسڪا جي ان ڳوٺ ۾ سج جي روشني ڪنهن حد تائين ته نظر ايندي پر اهو معمول سج لهڻ يا اڀرڻ جهڙو منظر نه هوندو.

مقامي ماڻهن موجب ڪيترن ئي هفتن تائين اوندهه ٿيڻ سبب اتان جا ماڻهو وٽامن ڊي جي کوٽ کي منهن ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.