واٽس ايپ ۾ نئون فيچر شامل

هٿرادو ذهانت (اي آءِ) چيٽ بوٽس هاڻ هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو حصو بڻجي رهيا آهن.
اهو ئي سبب آهي واٽس ايپ ۾ به اي آءِ چيٽ بوٽ جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته سيپٽمبر 2023ع ۾ ميٽا طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته جلد واٽس ايپ ۾ اي آءِ چيٽ بوٽ سان چيٽ ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.
هاڻي اهو فيچر اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
رپورٽ موجب اي آِ چيٽ بوٽ سان ڳالهائڻ لاءِ واٽس ايپ ۾ نئون شارٽ ڪٽ ڏنو پيو وڃي.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ جي بيٽا ورجن کي استعمال ڪندا آهيو ته ٿي سگھي ٿو ته اهو فيچر اوهان کي دستياب هجي.
چيٽ جي پي ٽي جهڙو اهو اي آءِ چيٽ بوٽ ڪيتري حد تائين واهپيدارن لاءِ مددگار هوندو، ان بابت اڃا ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي.
پر رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان چيٽ بوٽ سان مختلف موضوع تي تصديق ٿيل تفصيل حاصل ڪرڻ سولو ٿي ويندو.
اهڙِيءَ طرح چيٽ بوٽ سان روزمرهه جي سرگرمين تي مشورا حاصل ڪري سگھبا.
اڃا اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سڀني واهپيدارن لاءِ ان کي ڪيستائين پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته واٽس ايپ پهرين ميسيجنگ ايپ ناهي جنهن ۾ اي آءِ چيٽ بوٽ جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
ان کان اڳ سنيپ چيٽ ۾ به اهڙو فيچر فيبروري 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.