سنڌ مان هڪ ٻيو پي ٽي آءِ اڳواڻ ن ليگ ۾ شامل

ڪراچي (ويب ديسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر غلام رسول انڙ مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان پي ٽي آ3 جي صوبائي اڳواڻ غلام رسول انٽر ملاقات ڪئي، ملاقات کان پوءِ غلام رسول انڙ چيو ته نواز شريف ۽ بشير ميمڻ جي قيادت تي اعتمادڪندي ن ليگ ۾ شامل ٿيس.
ٻي پاسي بشير ميمڻ جو چوڻ هو ته غلام رسول انڙ جو ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان نواب شاهه جي سياست ۾ مک ڪردار هوندو.
غلام رسول انڙ نوابشاهه ضلعي کانسواءِ سڪرنڊ کان ايم پي اي چونڊيو هو پر هاڻي هن ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر سردارعاشق گوپانگ ۽ سردار عامر طلال گوپانگ ن ليگ ۾ شموليت جواعلان ڪيو هو.
ٻنهي اڳواڻن شهباز شريف سان ملاقات ۾ ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جنهن تي شهباز شريف چيو ته اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان کي معاشي بحرانن مان ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.