مشهور ڀارتي اداڪار جو گاڏي مان لاش هٿ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هوٽل پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان مشهور مليالم اداڪار ونود ٿامس جو لاش هٿ آيو آهي.
ڀارتي پوليس ٻڌايو ته مليالم فلم انڊسٽري سان سلهاڙيل مشهور اداڪار ونود ٿامس هڪ هوٽل جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان مُئل حالت ۾ مليو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اداڪار جي عمر 45 سال هئي.
پوليس موجب هوٽل انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو هو ته سندن پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي هڪ شخص ڪافي وقت کان موجود آهي، جنهن کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ اداڪار کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيوجتي ڊاڪٽرن کيس مُئل قرار ڏنو.

Malayalam actor Vinod Thomas found dead in car | udayavani
پوليس موجب اداڪار جي موت جو سبب ڄاڻڻلاءِ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويوآهي.
ونود ٿام مليالم فلم انڊسٽري جي گھڻين هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، اداڪار جي مشهور فلمن ۾ ”هيپي ويڊنگ“ ”جون“ ۽ ”اياپنم ڪوشيم“ سميت ٻيون فلمون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.