غير قانوني افغانين جي نيڪالي جي مخالفت ڪندڙن جو گھيرو تنگ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي پرڏيهين جي نيڪالي خلاف سوشل ميڊيا تي رياست مخالف پروپيگينڊا ڪندڙن خلاف گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي.

جان اچڪزئي چيو ته سوشل ميڊيا تي رياست مخالف مواد ۽ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي بابت ناڪاري ڳالهيون پکيڙيندڙ اڪائونٽس ۽ پيجز خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائمز قانونن تحت ڪارروائي ٿيندي.

هن چيو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي به جاچ ۽ اهڙا اڪائونٽس هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ججي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

صوبائي وزير ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي پيجز ٺاهي ڪجهه گروهه رياست ۽ حڪومت مخالف پروپيگينڊا ۾ مصروف آهن.

جان اچڪزئي جو چوڻ هو ته ان کانسواءِ بلوچستان جي صحت ڪارڊ جهڙن منصوبن خلاف به پوسٽون ڪيون ويون، رياست جو اٽل فيصلو آهي ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي هر صورت ۾ ملڪ مان ڪڍيو ويندو ۽ ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رياست جي بدنامي جو سبب ۽ غير ملڪي عنصرن جو اوزار بڻجي رهيا آهن.

بلوچستان جي اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته مڪمل ثبوت حاصل ڪرڻ بعد اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ سوشل ميڊيا جو هاڪاري استعمال ڪندڙ پاڪستانين جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.