”ڊرامي ۾ مڙس سان رومانس ڪرڻ ۾ شرم ايندو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا رابعه ڪلثوم جو چوڻ آهي ته هو ۽ سندس مڙس گڏ ڊرامي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن، سيٽ تي مڙس سان رومانوي شوٽنگ دوران کيس شرم اچي ويندو آهي.

تازو هڪ ٽي وي شو م شرڪت دوران هن چيو ته سندس ڀاءُ، ڀاڀي، ماءُ کانپوءِ مڙس به اداڪاري ۾ اچي ويو آهي، مڙس فنانس جي تعليم ۽ مان ڊينٽسٽ جي تعليم حاصل ڪئي آهي، شادي بعد مڙس اداڪاري لاءِ سنجيده ٿيو ، هو 15 سال ڳائڻو به رهيو آهي، اداڪاري لاءِ هن ناپا جوائن ڪيو ۽ پوءِ شوبز انڊسٽري ۾ آيو، هاڻي هڪ ڊرامي جي شوٽنگ ڪري رهيا آهيون جلد ٽي وي تي اچي ويندو.

هن چيو ته اسان زال مڙس جو ڪردار نڀائي رهيا آهيون  پر منهنجو ڪردار ناڪاري آهي، اصل زال مڙس هجڻ جي ڪري شوٽنگ ۾ مزو به ايندو آهي پر رومانوي ڪردار ادا ڪندي شرم اچي ويندو آهي، جيئن اسان هڪ ٻئي کي سڃاڻيون ئي نٿا.

ان دوران ڊائريڪٽر اسان کي ٻڌائيندو آهي ته اسان اصل ۾ به زال مڙس آهيون، شرمايون نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.