پشاور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جن 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، انهن نئين آدمشماري ۽ ان جا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، چونڊن بابت اسان جا خدشا غلط بيان ڪيا ويا آهن، هو نئين چونڊن لاءِ تحريڪ شروع ڪري ڇڏي.جي يو آءِ پاڪستان جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مفتي محمود سينٽر پشاور ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪئي.جي يو آءِ ف جي امير چيو ته اسرائيل پرامن فلسطيني شهرين تي ظلم ۽ زيادتين جي بازار کولي ڇڏي آهي، مغربي دنيا فلسطين جي حمايت ڪري رهي آهي، غزا ۾ انسانيت کي بيدردي سان چٿيو پيو وڃي، پر نام نهاد تنظيمن ۽ امت مسلمه جي خاموشي معنيٰ خاموشي آهي. امير
خديجه شاهه جي نظربندي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج
لاهور(م ڊ) ناليواري فيشن ڊزائينر خديجه شاهه جي نظربندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪيو ويو، گرفتار سوشل ايڪيويسٽ خديجه شاهه جي مڙس جهانزيب امين نظربندي کي چئلينج ڪيو آهي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ڊپٽي ڪمشنر لاهور سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خديجه شاهه جي نظربندي بدنيتي تي ٻڌل آهي، خديجه شاهه کي قانون جي ابتڙ نظربند ڪيو ويو آهي.