پي سي بي طرفان يونس خان ۽ سعيد اجمل کي اهم ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان يونس خان ۽ سعيد اجمل جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب، سعيد اجمل کي پاڪستان سينيئر ٽيم سان اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪري سگهجي ٿو، يونس خان جونيئر ڪرڪيٽ ٽيم ۽ مختلف ايج گروپس ٽيمن جي ڊيولپمينٽ وارا معاملا ڏسندو، پي سي بي ٻنهي ڪرڪيٽرن کي انهن عهدن جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس ۽ سعيد اجمل طرفان مشروط راضپي کانپوءِ هاڻ بال پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف جي ڪورٽ ۾ آهي، سندس منظوري ملندي ئي يونس خان ۽ سعيد اجمل جي مقرر جو باظابطا اعلان سامهون ايندو.

ٻئي ڪرڪيٽر پي سي سي سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر سندس مطالبو آهي ته پرڏيهي ڪوچز جيان وٽن به مڪمل اختيار هئڻ گهرجي، سٺو معاوضو ۽ لانگ ٽرم ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي.

واضح رهي ته يونس خان ماضيءَ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان هيڊ ڪوچ طور ڪم ڪري چڪو آهي، سعيد اجمل پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ سان سلهاڙيل رهيو آهي، قومي ٽيم سان هو پهريون ڀيرو ڪم ڪندو، پي سي بي طرفان سندن مقرر جو جلد اعلان ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.