عدالت پاران زيادتي جي جوابدار کي 50 ڪوڙا هڻڻ جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي عدالت شاگردياڻي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار کي 20 سال قيد، 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ 50 ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻڌائي آهي.

اتر ضلعي جي نيلم ماٿري جي ضلعي صدر جي تعلقي فوجداري عدالت ۾ سينيئر سول جج چوڌري محمد اسلم۽ ضلعي قاضي حافظ محمد فاروق تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جوابدار عابد شاهه کي سزا ٻڌائي.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته جوابدار کي ڪوڙن جي سزا آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد جي ڪنهن جي مشهور جاءِ تي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.