ڪانگو وائرس سيوهڻ تائين پهچي ويو، حالت خراب

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان کان پوءِ سنڌ جي علائقي سيوهڻ به ڪانگو جو شڪي مريض سامهون اچي ويو.
سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ ڪانگو جو شڪي مريض علاج هيٺ آهي.
انتظاميا موجب مريض جو واسطو دادو جي ڳوٺ سان آهي جڏهن ته مريض جون وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون پيون وڃن.
واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ هيل تائين ڪانگو جا 15 کان وڌيڪ ڪيس ۽ فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.