ريلوي مسافرن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عوام ايڪسپريس کي 20 ڊسمبر کان بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا ڪراچي کان پشاور تائين هلندي.
پاڪستان ريلوي 15 مهينن کان پوءِ عوام ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
عوام ايڪسپريس ڪراچي ڪينٽ کان صبح جو 7 وڳي روانو ٿيندي جيڪا ٻئي ڏينهن شام جو 6 وڳي پشاور ڪينٽ پهچندي.
گذريل سال آگسٽ ۾ عوام ايڪسپريس کي ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ اچي وڃڻ سبب بند ڪيو ويو هو، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو بند رهڻ کان پوءِ ٽرين ٻيهر پٽڙين تي ڊوڙندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.