” سڀ خاموش ٿي ويندا“ آسٽريلوي ڪپتان ڀارتي ٽيم لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز ڀارت جي سڀ کان وڏي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي شوقينن کي خاموش ڪرائڻ جو پهه ڪري ورتو.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي تيرنهن ايڊيشن جو فائنل ميزبان ڀارت ۽ آسٽريليان جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.

ميچ کان اڳ احمد آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز فائنل ۾ ٽيم کي ڀارتي شوقينن آڏو جارحاڻي راند جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

پئٽ ڪمنز ڄاڻي ٿو ته فائنل ۾ هوم گرائونڊ ۾ شوقينن جي اڪثريت ڀارت کي سپورٽ ڪندي، ڪينگروز ڪپتان تماشائين جي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران پنهنجي رانديگرن ان کي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏني.

هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته تماشائين جي سپورٽ هڪ طرفي هوندي، پر راند ۾ ان کان وڌيڪ اطمينان جوڳي ٻي ڪائي ڳالهه ناهي ته پنهنجي صلاحيتن سان هڪ وڏي هجوم کي خاموش ڪرايو وڃي ۽ اِهو ئي اسان جو مقصد آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان فائنل کيڏڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون، اسان ڄاڻو ٿا ته تماشائين جي حمايت نه هوندي پر ان لاءِ اسان تيار آهيون.

هن رانديگرن کي اتساهيندي چيو ته اوهان ايترو ڄاڻي وٺو ته فائنل واري ڏينهن بنا ڪنهن افسوس جي ختم ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.