”يوڪرين سان وڙهڻ لاءِ آمريڪا کي هٿيار وڪرو ناهن ڪيا“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان روس سان جاري جنگ ۾ يوڪرين کي استعمال ڪرڻ لاءِ هٿيار وڪرو نه ڪيا. هن اهڙين رپورٽن کي ”مونجهارو“ قرار ڏنو.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان يوڪرين لاءِ آمريڪا کي هٿيار نه وڪرو ڪيا.

نگران وزيراعظم جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪنداسين ته ڇا پاڪستاني هٿيار ڪنهن ٻئي هنڌ ته نه پهتا پر جيتري قدر پاڪستان جو تعلق آهي ته اسان جا هٿيار بلڪل يوڪرين لاءِ نه هئا.

واضح رهي ته پاڪستاني آن لائن نيوز پليٽ فارم ”سوچ“ پنهنجي هڪ تازي تحقيقي رپورٽ ۾ ٻن آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستاني ننڍا هٿيار ۽ بارود وڪرو ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان خريداري جي ڊيٽا پڻ پيش ڪئي هئي.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اسان رڳو ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته اهو سمورو مونجهارو ڪيئن پيدا ٿيو ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن.

نگران وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته سندس حڪومت اڳ ۾ ئي ان مسئلي تي واشنگٽن ۾ مختلف سفارتي ذريعن سان لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.