شارع فيصل تي سفر ڪندڙ موٽرسائيڪل سوارن تي وڏي پابندي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي اقبال دارا ٽريفڪ قانوني جي آگاهي لاءِ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪندي شارع فيصل تي هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي.
ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو نظام بتري طرح تباهه ٿي ويو آهي ۽ نئين مقرر ٿيل ڊي آءِ جي ٽريفڪ وڏن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد لاءِ هڪ ڀيرو وري آگاهي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي اقبال دارا جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي ته ڪهڙي لين ۾ هلڻو آهي، بدقسمتي سان موٽرسائيڪل سوار هيلمٽ نٿا پهرين.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ شارع فيصل تي هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن جي داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.