سنڌ حڪومت پاران فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت اپيل داخل ڪرائڻ جي ترديد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي ترجمان فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
پاڻ وڏي وزير مقبول باقر به هڪ انٽرويو ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي.
ترجمان موجب سنڌ حڪومت سويلينز جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل لاءِ ڪا به اپيل داخل ناهي ڪئي.
هن چيو ته اهو تاثر بي بنياد آهي ته سنڌ حڪومت ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اطلاع سامهون آيا هئا ته سنڌ حڪومت پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع تحت عام شهرين جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي پنج رڪني بينچ واري فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.
نگران وڏي وزير مقبول باقر بي بي سي اردو کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جي حق ۾ ناهي.
هن چيو ته اسان جي پوزيشن واضح آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪنهن به قسم جي اپيل داخل نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.