نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بالر محمد شامي جي زال حسين جهان پنهنجي مڙس جي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ شاندار ڪارڪردگي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
محمد شامي هنيئر تائين ورلڊ ڪپ ۾ 23 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، سندس تباهه ڪندڙ بالنگ ميگا ايونٽ ۾ ڀارت کي ڪيئي ميچون کٽرايون آهن جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ به 57 رنسون ڏئي ست رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا شاميءَ جي گهرواري حسين جهان جو انٽرويو ڪيو ۽ سندس ڪارڪردگي تي سندس راءِ ڄاڻڻ چاهي.
حسين جهان انٽرويوءَ دوران چيو ته ظاهر آهي خوشي ٿي رهي آهي ته ڀارت فائنل ۾ پهتو، هاڻ اميد آهي ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته عالمي ڪپ ۾ ڀارت سوڀارو ٿئي.
پنهنجي مڙس بابت سوال تي هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ اِها ڳالهه ايندي آهي ته کيس ڪرڪيٽر جيان سٺو انسان به هجڻ گهرجي ها، ماڻهن کي اسان جي پيشيواراڻي ۽ ذاتي زندگي کي الڳ رکڻ گهرجي.
شامي جي گهرواري چيو ته ڪاش شامي جيترو سٺو رانديگر آهي ايترو سٺو پيءَ، مڙس ۽ انسان به هجي ها، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته، شامي، آئون ۽ سندس ڌيءَ ڏاڍي سٺي زندگي گذاريون ها.
هن چيو ته شامي جي غلطين، لالچ ۽ گندي سوچ سبب اسان ٽنهي کي اِهو سڀ ڀوڳڻو پيو آهي.