ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود ريلوي مسافرن کي رليف نه ملي سگهيو آهي.
ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 47 پئسا في ليٽر گهٽتائي باوجود ريلوي مسافر ٽرينن جا ڀاڙا برقرار آهن.
30 سيپٽمبر کان 15 نومبر 2023ع جي وچ ۾ ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ مجموعي طور تي 32 رپيا 47 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي.
45 ڏينهن ۾ ٽيون ڀيرو ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود ريلوي ڀاڙن ۾ گهٽتائي نه ٿي.
پهرين آگسٽ کان 15 سيپٽمبر جي وچ ۾ ريلوي پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ تي ڪرايا 20 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا هئا.