گلاب جي پتين کي کائڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟

گلاب اهڙو گل آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو آهي جيڪو هر طرح سان اوهان کي متاثر ڪندو آهي ان جي اندر ڪيترائي فائدا به لڪيل آهن.
گلاب جو جيڪڏهن کَلَ تي استعمال ڪيو وڃي ته ان سان کَلَ تازي لڳندي آهي ۽ ان جو عرق استعمال ڪيو وڃي ته ان جا به گھڻا ئي فائدا آهن.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن گلاب جي پتين جو استعمال کائڻ جي صورت ۾ ڪيو وڃي ته ان سان اوهان جي جسم جي واڌ ويجهه ۽ صحت تي به حيران ڪندڙ پوندا آهن.
گلاب جون پتيون کائڻ جا فائدا
گلاب جي پتين ۾ قدرت اينٽي انفليميٽري خاصيتون رکيون آهن جن سان سور، سوڄ ۽ جلن کان آرام ملندو آهي.
ان کانسواءِ گلاب جون پتيون هاضمي جو نظام به درست رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون آهن.
اهو ڄاڻي اوهان حيران ٿي ويندا ته گلاب جي پتين ۾ فائبر هوندو آهي ۽ ڪيلوري جو مقدار گھٽ هوندو آهي جيڪو اوهان جو وزن گھٽائڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.
گلاب جي پتين ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، وٽامن سي ۽ وٽامن اي به هوندي آهي جيڪا اوهان جي کل خوبصورت بنائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، ان کانسواءِ پتيون کل تي پوندڙ وقت کان اڳ پوڙهائپ جي علامتن کي به لڪائي ڇڏيندي آهي.
گلاب جي پتين جي خوشبوءِ اوهان جي ذهني دٻاءَ کي ختم ڪري ڇڏي ٿي اوهان جو موڊ به خوشگوار ڪري ڇڏيندي آهي.
نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر کان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.