ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻول ٿي.
پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن بادشاهه چارلس جي پيدائش جي موقعي تي ساڻس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
آصف زرداري ڊيوڊ ڪيمرون جي پرڏيهي وزير بڻجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي هن غزا ۾ اسرائيلي جارحيتجي خاتمي لاءِ برطانيا کي مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.
ٻنهي شخصيتن وچ ۾ پاڪ-برطانيا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻول ٿي.
ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هئا.