پ پ لاءِ بُري خبر، اهم شخصيتن پارٽي ڇڏي ڏني

پشاور ( ويب ڊيسڪ) پشاور سان واسطو رکندڙ اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير ۽ سندس گهرواري عاصمه ارباب پ پ کي الوداع چئي ڇڏيو.

نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي عاصمه عالمگير چيو ته پارٽي قيادت جي پاليسين کان ناراض هئاسين، سندن پاليسين سبب اڄ ڪي پي ۾ پ پ ڇهين نمبر تي اچي چڪي آهي.

هن چيو ته پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي اطلاعات جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ناهيون ٿيا، مشاورت جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.