لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن انچيف جهانگير ترين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.
آمريڪي سفير جهانگير ترين ملاقات ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۽ اڪانامڪ ريفارمز جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي.
آمريڪي سفير ۽ آءِ پي پي جي قيادت وچ ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت به گفتگو ٿي.
جهانگير ترين انساني حقن بابت پنهنجو موقف آمريڪي سفير آڏو رکيو، هن چيو ته آءِ پي پي جي قيادت ڀرپور انداز سان پنهنجي چونڊ ۽ سياسي سرگرميون شروع ڪري چڪي آهي، پارٽي قيادت عام چونڊن لاءِ تيار آهي.
ان موقعي تي پارٽي جا سينيئر اڳواڻ اسحاق خاڪواني ۽ عون چوڌري به موجود هئا.