ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملتان ۾ سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ آزاداڻي، منصفاڻي چونڊن جي اهميت، پاڪسان جي تجارتي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي مضبوطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملتان ۾ اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي ميزباني ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي.
اجلاس ۾ ڏکڻ پنجاب جي مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن سفير سان ملاقات ڪئي.
پنجاب جي اڳوڻي گورنر ملڪ محمد رفيق رجوانا، اڳوڻي وڏي وزير دوست محمد خان کوسا، سينيٽر راڻا محمود الحسن، اياز خان نيازي، اڳوڻي ايم اين اي مينا لغاري، خالد خان خاڪواني، اڳوڻي ايم اين اي نتاشا دولتانا، شهناز سليم، اڳوڻي ايم پي اي احمد مجتبيٰ گيلاني، اڳوڻي ايم اين اي عبدالقادر گيلاني ۽ اڳوڻي صوبائي وزير علي حيدر گيلاني وفد جو استقبال ڪيو .
يوسف رضا گيلاني اليڪشن 2024ع ۾ ڏکڻ پنجاب جي سياسي منظر ناي بابت تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي.