بي سي سي آءِ جي عمران خان کي ورلڊ ڪپ فائنل ڏسڻ جي دعوت

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) تمام ٽيمن جي اڳوڻن ڪپتان ڏانهن دعوت ناما موڪلي ڇڏيا.

ڀارتي ميڊيا موجب، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ فائنل کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) چيئرمين ذڪاءَ اشرف کي بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه جي درخواست ڪئي آهي ته هو 1992ع واري فاتح ٽيم جي ڪپتان عمران خان جو خاص تحفو ( بيلز ) وٺي.

آچر جي ڏينهن ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميگا ايونٽ جي فائنل کان اڳ رٿيل تقريب ۾ ورلڊ ڪپ فاتح ٽيمن جي ڪپتانن کي خاص بيلز پيش ڪيون وينديون.

تقريب ۾ ڪلائيو لائيڊ، ڪپل ديو، ايلن بارڊر، رانا ٽنگا، اسٽيووا، رڪي پونٽنگ، مهندر سنگهه ڌوني، مائڪيل ڪلارڪ ۽ آئن مورگن شرڪت ڪندا.

1992ع واري ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم جو ڪپتان عمران خان پاڪستان ۾ جيل ۾ قيد هئڻ سبب شرڪت نه ڪري سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.