دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ورلڊ ڪپ 2023ع جي فائنل لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت ۾ ٿيل عالمي ڪپ جو آخري دنگل آچر جي ڏينهن ميزبان ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
آءِ سي سي پاران احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ فائنل لاءِ آن فيلڊ امپائر طور رچرڊ النگورٿ ۽ رچرڊ ڪئٽلرو کي مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي پڌرائي موجب، فائنل ۾ جوئيل ولسن ٿرڊ امپائر هوندو، ان کانسواءِ ڪرس گيفني فورٿ امپائر جڏهن ته اينڊي پائيڪرافٽ ميچ ريفري هوندو.