ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي.
نجي ٽي وي موجب ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 25 پئسا گهٽتائي سان 288.50 رپيا ٿي ويو.
ٻئي طرف انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 38 پئسا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ڊالر 287 رپيا 50 پئسا تي واپار ڪري رهيو آهي.