منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 6.7 رڪارڊ ڪئي وئي.
خانگي ٽي وي موجب زلزلي جا لوڏا فلپائن جي ڏاکڻي صوبن سارنگاني ۽ ڪوٽاباٽو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي شدت ايتري هئي جو ماڻهو خوف ۾ پنهنجي گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.
پئسفڪ سونامي سينٽر جو چوڻ آهي ته زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي، هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.