اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ پاڪستاني رُپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو .
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽربئنڪ ۾ ڊالر 88 پئسا سستو ٿي 286.50 رُپين تي بند ٿيو.
Interbank closing #ExchangeRate for todayhttps://t.co/Nj05ogm0CA#SBPExchangeRate pic.twitter.com/igTM28UWzK
— SBP (@StateBank_Pak) November 17, 2023
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 50 پئسا لاٿ کانپوءِ 288 رُپيا 25 پئسا آهي، گذريل ڏينهن ڊالر 287.37 رُپين تي بند ٿيو هو.
واضح رهي ته آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ ڊالر هڪ رُپيو 64 پئسا سستو ٿيو آهي.
ان کانسواءِ ڪاروباري هفتي دوران ڊالر جي مُلهه 53 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي