ميٽا 2 نوان جنريٽو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽولز متعارف ڪرايا آهن.
انهن ٽولز جي مدد سان واهپيدار لکت ۾ هدايتن ذريعي تصويرون يا وڊيوز تيار ڪري سگھندا.
ايمو وڊيو ۽ ايمو ايڊٽ نالي انهن ٽولز جو اعلان ميٽا جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪربرگ طرفان ڪيو ويو.
اهي ٻئي تولز فيسبڪ ۽ انسٽام ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.
ڪمپني طرفان هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايمو وڊيو ذريعي ٽيڪسٽ ذريعي وڊيو تيار ڪرڻ گھڻو سولو ٿي ويندو.
بيان موجب اهو ٽول ايمو ماڊل تي ٻڌل آهي جنهن سان واهپيدار ٽيڪسٽ، فوٽو يا ٻنهي ذريعي پنهنجي پسند جو مواد تيار ڪري سگھندا.
ڪمپني ٻڌايو ته اهو ٽول 2 طريقن سان ڪم ڪندو، هڪ طريقي سان ٽيڪسٽ پروموٽ ذريعي تصويرون تيار ٿينديون ۽ پوءِ انهن تصويرن ۽ ٽيڪسٽ سان وڊيو تيار ٿي سگھندي.
ٻيو ٽول ايمو ايڊٽ تصوير جي ايڊٽنگ لاءِ استعمال ٿيندو، جنهن جي ذريعي بيڪ گرائونڊ، ڪلر ۽ ٻين شين کي هٽائڻ يا شامل ڪرڻ ممڪن هوندو.
Prev Post
You might also like