ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ويوو ايڪس سيريز جا ٻه طاقتور ۽ بهترين فون متعارف ڪرايا آهن، جن کي مهانگو قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني ‘Vivo X100’ ۽ ‘Vivo X100 Pro’ ٽن بيڪ ڪيمرا ۽ هڪ طاقتور فرنٽ ڪيمرا سان متعارف ڪرايا آهن.
ٻنهي فونن کي ڪمپني جا سڀ کان بهترين ۽ طاقتور ڪيمرا فون قرار ڏنو آهي پر ڪمپني تي فونز جا اگهه وڌيڪ وڌائڻ جو الزام پڻ لڳايو پيو وڃي.
ڪمپني ٻنهي فونن کي 12 ۽ 16 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري ماڊلز ۾ 6.78 انچ اسڪرين سان گڏ پيش ڪيو آهي.
Vivo X100 هڪ 5,000 mAh جي بيٽري ۽ 120-watt تيز چارجر سان گڏ اچي ٿو، جڏهن ته Vivo X100 Pro هڪ طاقتور 5,400 mAh بيٽري ۽ 100-واٽ چارجر سان گڏ اچي ٿو.
ڪمپني ايڪس 100 پرو کي ٽن ريئر ڪيمرائن سان پيش ڪيو آهي ۽ فون جا ٽي ڪيمرا ترتيب وار 50 ميگا پڪسل آهن، جڏهن ته سامهون واري سيلفي ڪيمرا 32 ميگا پڪسل آهي.
اهڙي طرح ايڪس 100 جي پوئين پاسي ٽي ڪيمرا آهن، جن مان ٻه 50 ميگا پڪسل ۽ هڪ 64 ميگا پڪسل ڪيمرا آهن، پر فرنٽ تي هڪ 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا به آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ٻنهي فونن جا ڪيمرا سوني جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪن ٿا ۽ انهن ۾ وڊيوز ۽ تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت ٻيڻي آهي، مطلب ته 50 ميگا پڪسل ڪيمرا 100 ميگا پڪسل جيتريون ئي تصويرون ڪڍندو.
ٻئي فون Android 14 سان پيش ڪيا ويا آهن.
ويوو ايڪس 100 جي 12 جي بي ريم ماڊل جي قيمت 160 هزار پاڪستاني رپيا جڏهن ته 16 جي بي ريم ماڊل جي قيمت 2 لک پاڪستاني رپيا رکي وئي آهي.
اهڙي طرح Vivo X100 Pro جي 12 جي بي ماڊل جي قيمت 1 لک 97 هزار رپيا آهي، جڏهن ته 16 جي بي ريم ماڊل جي قيمت 2 لک 37 هزار رپيا آهي.
ڪمپني شروعاتي طور تي ٻنهي فونز کي چين ۾ متعارف ڪرايو آهي پر اهي جلد ئي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.