انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت واهپيدارن کي سستي ۽ معياري ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر شيئرنگ فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پي ٽي اي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فريم ورڪ وزارت آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي.

هي فريم ورڪ لائسنس حاصل ڪندڙن کي ريگيوليٽري ميڪنزم فراهم ڪندو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کي سستي ۽ معياري ٽيلي ڪام سروسز جي صورت ۾ فائدو ٿيندو.

4G ۽ 5G جي واڌ لاءِ ٽيليڪم انفراسٽرڪچر شيئرنگ جي وڏي ضرورت هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.