اسڪرين آڏو وقت گذارڻ اوهان جي ٻارن لاءِ ڪيترو خطرناڪ آهي؟

ڇا اوهان جا ٻار روز گھڻو وقت سمارٽ فون، ٽيبليٽ يا ٽي وي اسڪرين آڏو گذاريندا آهن؟
جيڪڏهن اها ته اها عادت ٻارن جي دماغي واڌ ويجهه تي اثرانداز ٿي سگھي ٿي.
اها ڳالهه نئين تحقيق ۾ سامهون ائي آهي.
جرنل ارلي ايجوڪيسن اينڊ ڊويلپمينٽ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ 23 سالن دوران ٿيل 33 تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو.
انهن تحقيقي رپورٽن ۾ ڏٺو ويو هو ته ٽي وي ڏسندڙ يا ڪمپيوٽر گيمز کيڏڻ سان 12 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي دماغي فعلن تي ڪهڙا اثر پون ٿا.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ان عادت سان ڪجهه فائدا به ٿين ٿا، پر نقصان وڌيڪ ٿئي ٿو.
تحقيق موجب اسڪرين جي آڏو گھڻو وقت گذارڻ سان دماغ جي ان حصي ۾ تبديليون ٿينديون آهن جيڪو منصوبابندي، حالتن موجب لچڪ ۽ يادداشت لاءِ اهم هوندو آهي.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو آهي ته اسڪرين ٽائيم سان دماغ جي ان حصي تي به اثر پون ٿا جيڪو اسان کي دٻاءَ، گرمائش، ٿڌ ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
محققن موجب يادداشت، ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ جا تفصيل سمجهڻ ۾ مددگار دماغي حصن تي به ان عادت سان اثر پوندا آهن.
ماهرن جو چوڻ هو ته اسان اهو نٿا چئو ته ٻارن کي ڊوائيسز سان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، پر هر شيءِ ۾ احتياط ضروري آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو والدين کي مشورو آهي ته اهي اسڪرين ٽائيم کي محدود ڪرڻ جو فيصلو هر ٻار جي ضرورت کي نظر ۾ رکي ڪن ۽ اهو يقيني بنائين ته ڊوائيسز سان ٻارن جي جسماني ۽ سماجي سرگرمين سميت ننڊ متاثر نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.