ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تيزي سان تبديليون متعارف ڪرائيندو پيو وڃي جن مان گھڻن جو واسطو ڪنٽينٽ شيئرنگ سان آهي.
پر، گذريل ڏينهن ميٽا جي ملڪيت هيٺ ڪمپني انسٽاگرام پنهنجو ڌيان تخليقي اوزارن تي واپس آڻيندي عرصي کان پوءِ نوان فلٽرز متعارف ڪرايا آهن.
ميٽا جي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته رنگن جي سنهڙي ايڊٽ کان وٺي اسٽائلز جي آپشنز تائين اهي اپ ڊيٽس واهپيدارن کي پنهنجي پوسٽ لاءِ مختلف اندازن کي آزمائڻ لاءِ سولائي پيدا ڪنديون.
انسٽاگرام
هميشه جيان واهپيدار ڪنهن به فلٽر جي شدت کي هڪ سلائيڊر جي مدد سان گھٽائي يا وڌائي سگھن ٿا. پر پهريون ڀيرو ڪجهه اهڙا فلٽر به متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪي اصل تصوير ۾ رڳو رنگ ۽ ٽون بدران واضح تبديليون ڪندا.
انسٽاگرام طرفان انهن فلٽرز کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد واهپيدارن کي پنهنجون تصويرون ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڪٿي ٻئي هنڌ نه وڃڻ ڏيڻ آهي.
نئين اپ ڊيٽس ۾ ريلز جي حوالي سان به وڌيڪ بهتريون شامل آهن.
انسٽاگرام جو چوڻ آهي ته پليٽ فارم انفرادي ڪلپس کي اسڪيل (وڊيو جي ريزولوشن ۾ تبديلي) ڪرڻ، تراشڻ ۽ گھمائڻ جي صلاحيت تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان ڊو ۽ ري ڊيو بٽڻ به شامل ڪيا ويندا.
ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته انگريزي جي 10 نئين ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ آوازن سان گڏ ڪجهه نوان فونٽ به ايپ جو حصو بڻايا پيا وڃن.