ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
شماريات کاتي موجب، هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 9 ڏهائي 95 سيڪڙو جو رڪارڊ واڌ ٿي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 41 ڏهائي 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
شماريات کاتي ٻڌايو ته هڪ هفتي دوران پنجويهه شيون مهانگيون ۽ تيرنهن سستيون ٿيون.
رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران قدرتي گئس 480 سيڪڙو، چانهه 8.88، مهري جي دال 5.28 سيڪڙو، جيئري ڪڪڙ 3.99 سيڪڙو ٿوم 3.09 سيڪڙو مهانگي ٿي، جڏهن ته لوڻ، اٽو، ايل پي جي ۽ پٽاٽن جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کانسواءِ في ڪلو ٽماٽا 11.16 سيڪڙو، کنڊ 4.24 سيڪڙو ۽ بصر في ڪلو 1.49 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته ڪنگ آيل گيهه، چانور ۽ ڳڙ به سستو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.