لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض کي قومي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪش ڪميٽي جو چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو.
وهاب رياض جي پهرين اسمائنمينٽ 14 ڊسمبر کان ست جنوري تائين آسٽريليا ۾ٿيندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۽ نيوزيلينڊ ۾ 12 کان 21 جنوري تائين پنج ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جي چونڊ هوندي.
پي سي بي موجب، وهاب رياض جو چوڻ آهي ته قومي سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه بڻجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه ذڪاءَ اشرف جو ٿورائتو آهي جنهن کيس ذميواري لاءِ مٿس اعتماد ڪيو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ اڳوڻن ڪرڪيٽرز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ساراهڻ جوڳو آهي ۽ هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
Wahab Riaz opens up about his appointment as chief selector and outlines his priorities in this role 🎙️🏏
More details ➡️ https://t.co/3uhDwHUhIB pic.twitter.com/qfuv0Y9Bdm
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) November 17, 2023
وهاب رياض چيو ته آسٽريليا جو دورو انتهائي اهميت رکي ٿو جتي پاڪستان کي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون ٽيسٽ ميچز کيڏڻيون آهن، اهڙي طرح نيوزيلينڊ جي دوري سان اسان کي ايندڙ سال جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ بهترين ٽيم تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
Former Pakistan fast bowler Wahab Riaz has been appointed as the chief selector of the national men’s selection committee.
Read more ➡️ https://t.co/3uhDwHUhIB pic.twitter.com/567fXkwQOa
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) November 17, 2023
هن چيو ته محمد حفيظ جي صورت ۾ سٺو ٽيم ڊائريڪٽر موجود آهي ۽ اسان گڏجي پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڪاميابي لاءِ ڪم ڪنداسين.
ياد رهي ته وهاب رياض 2008ع ۾ پنهنجو عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر شرو ع ڪيو، هن 27 ٽيسٽ 91 ون ڊي ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي مجموعي طور 237 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ 1200 رنسون ٺاهيون.
هن ٽي عالمي ڪپ کيڏيا ۽ 35 وڪيٽن سان پاڪستان جو ٻيو سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.