ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر اعتراف ڪيو آهي ته جيڪڏهن احسن خان شادي شدهه نه هجي ها ته هوءَ هن سان شادي ڪري ها.
اداڪارا صبا قمر تازو ئي احسن خان سان ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران سندس فين هجڻ ايتري تائين جو هن کي پسند ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو.
ڳالهه ٻولهه دوران احسن خان انڪشاف ڪيو ته صبا ڪنهن جي محبت ۾ گرفتار آهي جنهن تي صبا پنهنجي پسنديدهه شخص جو نالو يا ٻيا تفصيل ٻڌائڻ بدران رڳو مرڪندي رهي.
احسن خان ٻڌايو ته هو ۽ صبا 15 سالن کان سٺا دوست آهن ۽ ٻنهي وچ ۾ ڪيمسٽري ايتري سٺي آهي جو کين گڏ ايڪٽنگ ڪرڻ دوران گھڻو ري ايڪٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي ڇو جو ٻئي هڪ ٻئي جون اکيون به پڙهي وٺندا آهن.
انهيءَ دوران احسن خان صبا قمر کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن صبا کي انڊسٽري ۾ ڪو اهڙو اداڪار چونڊڻ لاءِ چيو وڃي جنهن جي شادي ٿيل نه هجي ها ۽ هوءَ ان سان شادي ڪري ها؟
ان تي صبا احسان خان ڏانهن اشارو ڪندي پسنديدگي جو اظهار ڪيو جنهن تي احسن خان حيراني سان گڏ خوشي جو به اظهار ڪيو.
صبا قمر ٻڌايو ته هوءَ اداڪارا بڻجڻ کان اڳ احسن خان جي وڏي فين هئي، هن جي نمبر ڪنهن کان حاصل ڪرڻ بعد کيس هر هر مس ڪالز ڏيندي هئي ۽ ميسيج ڪندي هئي جڏهن احسن خان سان شوبز ۾ ڪم ڪيو ته احسن سان جهيڙو ٿي پيو جنهن کان پوءِ احسن مون کي زهر لڳڻ لڳو پر بعد ۾ احساس ٿيو ته احسن عادتن اهڙو ئي شخص آهي تنهنڪري احسن سان وڌيڪ پيار ٿي ويو، ان کان پوءِ احسن جي زندگي ۾ فاطمه اچي وئي ۽ هن شادي ڪري ڇڏي.
You might also like