هن وقت سڄي دنيا ۾ اربين ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ان جو مطلب اهو اهي ته اهي اي ميل، سوشل ميڊيا اڪائونٽس يا ٻين لاءِ پاسورڊز به چونڊيندا هوندا.
پر حيران ڪندڙ طور تي اڃا به گھڻا ماڻهو اهڙا پاسورڊز استعمال ڪندا آهن جن جو اندازو ٻار به لڳائي سگھن ٿا.
جي ها واقعي سائبر سيڪيورٽي ماهرن طرفان 2023ع جي مشهور ترين يا بدترين پاسورڊز جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جيڪا دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
NordPass نالي ڪمپني طرفان اها لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.
ان ڪري ڪمپني طرفان ڊارڪ ويب ۾ دستياب 4.3 ٽي بي ڊيٽا ۾ موجود ليڪ پاسورڊز جي لسٽ جو تجزيو ڪيو ويو.
ان فهرست موجب 123456 اهو پاسورڊ آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي.
جيڪڏهن اهو اوهان جو به پسنديدهه پاسورڊ آهي ته ڄاڻي وٺو ته هڪ ڏهاڪي کان هر سال ڪنهن نه ڪنهن ڪمپني جي فهرست ۾ اها مشهور ترين/بدترين پاسورڊ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري رهيو آهي.
اهڙيءَ طرح admin ٻين جڏهن 12345678 ٽين نمبر تي رهيو.
123456789 ۽ 1234 جي حصي ۾ ترتيبوار چوٿون ۽ پنجون نمبر آيو.
1234 ڇهين، password ستين جڏهن ته 12345 اٺين نمبر تي بدترين پاسورڊ رهيو.
Aa123456 جي حصي ۾ نائون نمبر آيو جڏهن ته 1234567890 ڏهين مشهور ترين پاسورڊ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
UNKNOWN جي حصي ۾ 11 هون نمبر آيو جنهن کان پوءِ 1234567 ۽ 123123 ترتيبوار 12 هين ۽ 13 هين نمبر تي رهيا.
111111، Password، 12345678910، 000000، admin123، ******** ۽ user ترتيبوال 14 کان 20 هين نمبر تائين بدترين پاسورڊز رهيا.
ڪمپني ٻڌايو ته ٽاپ 20 ۾ شامل 18 پاسورڊز اهڙا آهن جن کي هيڪ ڪرڻ ۾ هڪ سيڪنڊ جو وقت گھربل هوندو آهي.
واضح رهي ته هر آن لائين اڪائونٽ جي لاءِ ڌار پاسورڊ هجڻ گھرجي ۽ ڪوشش هجڻ گھرجي ته اهي وڌ کان وڌ ڏکيا هجن.
هونئن ته ٽيڪنالوجي ڪمپنيون پاسورڊ جي متبادل تي گھڻو ڪم ڪري رهيون آهن پر اهڙين ٽيڪنالوجيز جي دستيابي لاءِ اڃا ڪجهه وقت گھربل آهي.
Prev Post
You might also like